لائق سنڌي

لائق سنڌي

 لائق سنڌي

لائق سنڌي

لائق سنڌي ٿيٻو

لائق سنڌي ٿيٻو: نامياري استاد، اديب ۽ صحافي لائق سنڌيءَ جو پورو نالو لائقڏنو ولد حاجي محمد اسماعيل ٿيٻو هو. هن 19 ڊسمبر 1943ع تي تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ موري منگر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول موري منگر مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1961ع ڌاري حيدرآباد مان ڪئي. عالم، اديب فاضل جو امتحان ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان پاس ڪيائين. 1961ع ۾ پرائمري استاد ٿيو ۽ سندس مقرري گورنمينٽ پرائمري اسڪول توڪل ميرجت ۾ ٿي. ان کانپوءِ جهنڊو کوسو پرائمري اسڪول ڀينڊو شريف، پرائمري اسڪول موري منگر ۽ پوءِ ڊيپوٽيشن تي هاءِ اسڪول ٽنڊو ڄام ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهايائين. ادب ۽ صحافت سان چاهه هئڻ ڪري روزاني ‘آفتاب’ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم جي شروعات ڪيائين ۽ پوءِ ‘آفتاب’ اخبار ۾ نڪرندڙ نوجوانن جي صفحي ‘سرجڻهار’ جو انچارج مقرر ٿيو. ان کانپوءِ روزاني ‘عبرت’، ‘مهراڻ’، ‘سنڌ نيوز’، ‘سنڌ’، ‘خادم وطن’، ‘شام’، ‘ڪاوش’ ۽ ‘ڪوشش’ اخبارن ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. ان کان سواءِ ‘اخبار تعليم’ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو ۽ ‘هاڪڙو پبليڪيشن’ ٽنڊي ڄام مان نڪرندڙ رسالي جو مرتب رهيو. لائق سنڌيءَ جون سماجي حوالي سان به ڪيتريون ئي خدمتون آهن، جن تنظيمن ۾ هن ڪم ڪيو، انهن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيون شامل آهن. هو پريس ڪلب حيدرآباد جو سينيئر ميمبر هجڻ سان گڏ عهديدار به رهيو. پاڻ جڏهن استاد جي حيثيت سان 1986ع ۾ رٽائر ٿيو ته رٽائرمينٽ جي اڌ پيسن جا ڪتاب خريد ڪري ڳوٺ واري لائبرريءَ ۾ رکيائين. کيس روزاني ‘سنڌ’ اخبار طرفان صحافت ايوارڊ مليو. ان کان سواءِ 1995ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام طرفان بهترين صحافيءَ جو گولڊ ميڊل مليو، جيڪو کيس مهتاب اڪبر راشديءَ ڏنو. پاڻ پرائمري استاد طور 1986ع ڌاري رٽائر ٿيو. لائق سنڌيءَ 16 جنوري 2014ع تي وفات ڪئي. کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.12.19  عيسوي

نامياري استاد، اديب ۽ صحافي لائق سنڌيءَ جو پورو نالو لائقڏنو ولد حاجي محمد اسماعيل ٿيٻو هو. هن 19 ڊسمبر 1943ع تي تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ موري منگر ۾ جنم ورتو.


2014.01.16  عيسوي

لائق سنڌيءَ 16 جنوري 2014ع تي وفات ڪيائين. کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرحمان قاضي1
طارق قريشي
زيب النساءَ حميدالله
خانزادو سميع الوري
اسلم چنا
اسد ڀٽي
احمد علي خان
خالد کوکر
علي محمد شيخ
جان محمد مھر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون